پوئين پهر جا پانڌيئڙا

پوئين پهر جا پانڌيئڙا

پوئين پهر جا پانڌيئڙا

پوئين پهر جا پانڌيئڙا (ڪتاب): هي ڪتاب اردو جي نامياري ليکڪا قرة العين حيدر جي مشهور ناول ”آخري شب ڪي همسفر“ جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن کي سنڌ جي نامور اديب ۽ تجزيي نگار ولي رام ولڀ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، هن تاريخي ناول ۾ ليکڪ پنهنجي اڀياس جو مرڪز ننڍي کنڊ جو خطو رکيو آهي، جنهن ۾ بنگال جي دهشت پسند هلچل جو عروج، هندستان ڇڏي وڃو. تحريڪ جو زور، پاڪستان جي گهر لاءِ جلسا جلوس، هندستان جو ورهاڱو ۽ ويهن سالن کان اوڀر پاڪستان جو بنگلاديش بڻجي وڃڻ، بنگال جي تاريخ جا لاها چاڙها ۽ خاص ڪري اتي جي کاٻي ڌر جي سياست جو عروج ۽ زوال شامل آهي. اردوءَ ۾ هي ناول 1979ع ۾ شايع ٿيو هو، جڏهن ته هن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو 2000ع ۾ آج پبليڪيشن طرفان شايع ڪيو ويو آهي، ڪتاب جي شروعات مترجم جي نوٽ سان ٿئي ٿي، ڊيمي سائيز ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ ڪل 413 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 240 رپيا ڄاڻايو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو